مير محمد خان چانڊيو

مير محمد خان چانڊيو

چانڊيو مير محمد خان

چانڊيو، مير محمد خان: ناميارو سياستدان مير محمد خان ثاني ولد غيبي خان چانڊيو، 27 فبروري 1900ع ڌاري غيبي ديري ۾ ڄائو. ابتدائي طور پنهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد جي پيش امام مولوي علي محمد جانوريءَ وٽ قرآن پاڪ جي تعليم پڙهيو. ان کان سواءِ فارسيءَ ۾ سڪندرنامي جي تعليم به حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ کان پوءِ 1937ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1940ع ۾ مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ شامل رهيو. ان کان سواءِ سنڌ زميندار ڪانفرنس جي مرحبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. مير محمد چانڊئي 1950ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.02.27  عيسوي

ناميارو سياستدان مير محمد خان ثاني ولد غيبي خان چانڊيو، 27 فبروري 1900ع ڌاري غيبي ديري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايم بي انصاري
ظهير ڪاشميري
احسان دانش ڀٽو
تسليما نسرين
ع ق شيخ
آخوند حاجي دين محمد
پارپتي ٽيڪچند گدواڻي
تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي
الهه رکيو ڳورڙ
پرشوتم ڀڳوانداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون